تاجل بيوس

تاجل بيوس

تاجل بيوس

تاجل بيوس: سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ نقاد، تاجل بيوس جو اصل نالو تاج محمد ولد محمد جعفر سمون هو. هي 22 سيپٽمبر 1938ع تي ڳوٺ درگاهه پير حيات شاهه، تعلقي سوڀي ديري، ضلعي خيرپورميرس ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم نورپور ۽ ڀونڀٽ پور اسڪولن مان، ثانوي تعليم گنبٽ هاءِ اسڪول مان ۽ گرئجوئيشن سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ڪئي. بعد ۾، ايم. اي (اقتصاديات)، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪرڻ کان پوءِ جپان، ٿائيلئنڊ ۽ آمريڪا مان مختلف ڪورس ڪيا. 1960ع ۾ سيڪنڊري اسڪول جو استاد مقرر ٿيو. بعد ۾ سنڌ حڪومت جي ڪيترن ئي ادارن/ڪمپنين ۾ انويسٽيگيٽر، ريسرچ آفيسر، اسسٽنٽ چيف، ڊپٽي چيف ۽ چيف رجسٽرار جي عھدن تي ۽ مرڪزي حڪومت ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري رهيو. ڪارپوريٽ لا اٿارٽيءَ ۾ رجسٽرار آف ڪمپنيز جي عھدي تان رٽائرڊ ٿيو. ان بعد شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ڪجهه عرصي لاءِ وائيس چانسلر جو صلاحڪار پڻ رهيو. ڪجهه عرصو سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر به رهيو. تاجل بيوس شاعريءَ سان گڏوگڏ ڪھاڻيون، ڪالم ۽ مضمون به لکيا. سندس هفتيوار ڪالم ”عوامي آواز“ سميت مختلف سنڌي اخبارن ۾ ڇپجندا رهيا. شاعري (سنڌي/ اردو)، سفرنامن، آتم ڪٿا ۽ مختلف موضوعن تي سندس 44 ڪتاب لکيل آهن، جن مان ڪجهه اهم ڇپيل ڪتابن ۾: ”جڏهن ڀونءَ بڻي“ (شاعري: 1982ع)، ”انبن جهليو ٻُور“ (شاعري: 1983ع)، ”سرجيندڙ ساڻيھه جا“ (شاعري:1985ع)، ”سنڌ منھنجي امان“ (شاعري: 1989ع)، ”ڪاڇي مٿان ڪونج“ (نثري نظم:1990)،”ڪنڌيءَ ڪنئور ترن“ (شاعري:1991ع)، ”ڏور به اوڏا سپرين“ (ڀارت جو سفرنامو:1992ع)، ”ڪنڌيءَ اڪ ڦلاريا“ (شاعريءَ: 1992ع)، ”ڏوريان ڏوريان مَ لھان“ (9 شعري مجموعا گڏ)، تنھنجا نيڻ غزل (هڪ سئو غزل:1996ع)، ”آريجن کان الھاس نگر“ (هند- سنڌ جي اديبن جا خط)، ”چپ انجيل جي حاشين جھڙا“ (هڪ سئو غزل: 2003ع)، ”تاجل جو رسالو“ (شاعري 2006ع)، ”انداز بيان اور“ (اردو شاعري) ۽ ”گلابون ڪي موسم“ (اردو شاعري). شامل آهن. سندس مشھور ڪلام ”سنڌ منھنجي امان، سُونھن تنھنجي مٿان، ڇا لکِي، ڇا لِکان“ سنڌ توڙي هند ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪئي. کيس هند ۽ سنڌ ۾ ڪيترائي مڃتا ايوارڊ مليا. سنڌ جي هن نامياري شاعر، دماغي نس ڦاٽڻ (برين هيمريج) سبب 13 ڊسمبر 2008ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه چوڪنڊي قبرستان، ڪراچيءَ ۾ آهي.


لفظ تاجل بيوسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.09.22  عيسوي

تاجل بيوس 22 سيپٽمبر 1938ع تي ضلعي خيرپورميرس ۾ ڄائو


2008.12.13  عيسوي

تاجل بيوس 13 ڊسمبر 2008ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄام راول
ابڙو محمد سليمان سليم
مير علي احمد خان ٽالپر
جسونت سنگهه ۽ جئسنگهه
صاحب بن عبدالرحمان
شيخ توهدن دمياري
خاتمي سيد محمد
چانڊورام سَنت
راهوجو جهانگير
جوڻيجو محمد خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون